اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي سالياني چونڊن ۾ صدر، سيڪريٽري ۽ فنانس سيڪريٽري جي کٽڻ کانپوءِ جرنلسٽ پينل ايگزيڪٽو ۽ گورننگ باڊي جي سڀني سيٽن تي کٽڻ سان لڳاتار ويهون ڀيرو ڪلين سوئيپ ڪري ورتو. وفاقي وزير ريلويز محمد حنيف عباسي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. چونڊن جي نتيجن جو اعلان اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين عاصم قدير رانا ڪميٽي جي ٻين ميمبرن زاهد فاروق ملڪ، ناصر نقوي، عبدالرزاق سيال، حميد الله عابد ۽ اڪرم عابد جي گڏيل موجودگي ۾ ڪيو.
Photo NPC
اعلان ڪيل نتيجن مطابق نائب صدر جي ٽن مرد ۽ هڪ عورت جي سيٽ تي جرنلسٽ پينل جي احتشام الحق 1207، سيد ظفر حسين هاشمي 1005، شاهه محمد 884 ۽ سحر اسلم خان 1058 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. جوائنٽ سيڪريٽري جي ٽن مرد ۽ هڪ عورت جي سيٽ تي شيراز علي گرديزي 1271، سيد عون شيرازي 1257، چوڌري جاويد ڀاگت 1079 ۽ سحرش قريشي سڀ کان وڌيڪ 1343 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. ايگزيڪٽو باڊي وانگر گورننگ باڊي جي چونڊن ۾ به جرنلسٽ پينل جا اميدوار ڇانيل رهيا ۽ سڀني 15 مردن ۽ ٻن عورتن جي سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. گورننگ باڊي ۾ ڪامياب ٿيندڙن ۾ عامر رفيق بٽ 1315، اظهار الحق خان نيازي 1205، احمد منصور 1158، عاصم جيلاني 1146، بابر ملڪ 1115، محمد رضوان عباسي 1110، جعفر علي بلتي 1095، نوابزاده خورشيد 1070، شڪيل اعوان 1049، محمد عثمان خان 1047، راجا ماجد افسر 1037، تنوير شهزاد 1025، زين هاشمي 1022، نويد احمد شيخ 997، مشڪو علي 1089 جڏهن ته عورتن ۾ آسيه ڪوثر 1090 ۽ فائزہ شاهه ڪاظمي 1079 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. نيشنل پريس ڪلب جي سالياني چونڊن ۾ ڪاميابي تي وفاقي وزير ريلويز محمد حنيف عباسي نون چونڊيل صدر اظهر جتوئي، سيڪريٽري نير علي، فنانس سيڪريٽري وقار عباسي سميت جرنلسٽ پينل جي سمورن ڪامياب ٿيل عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. صحافي برادري ملڪ جو اهم ستون آهي، نيشنل پريس ڪلب هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو صحافين جي حقن، اظهار راءِ جي آزادي ۽ پيشه ورانه ترقي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير ريلويز اميد ظاهر ڪئي ته نئين قيادت صحافين جي ڀلائي، صحافت جي آزادي ۽ قومي مفاد ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندي.