اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ افغانستان جي قبائلي عمائدين جي جرڳي بعد طورخم بارڊر 27 ڏينهن بند رهڻ بعد اربع تي کلي وئي. ذريعن موجب طورخم بارڊر تي فليگ ميٽنگ ۾ واپار جي بحالي جو فيصلو ٿيو. پيادل اچ وڃ ٻن ڏينهن کانپوءِ بحال ٿي ويندي، جڏهن ته اميگريشن جو عملو هن وقت به موجود آهي پر اسڪينر جي خرابي سبب مسافرن جي اچ وڃ معطل رهندي، اسڪينر تي مرمتي ڪم ٿيندو ۽ ٽيڪنيڪل خرابي ختم ٿيڻ کانپوءِ مسافرن کي جمعي ڏينهن اجازت ڏني ويندي.پاڪ افغان جوائنٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نائب صدر ضيا الحق سرحدي چيو ته ٻنهي پاسن کان لڳ ڀڳ 5 هزار ڪمرشل ٽرڪون ڦاٿل هيون، جنهن جي ڪري ٻنهي طرفن جي واپاري حلقن کي ڪروڙين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. پاڪستاني جرڳي جي سربراهه سيد جواد حسين ڪاظمي ميڊيا کي ٻڌايو ته سرحد کولڻ جو فيصلو اربع ڏينهن طورخم ۾ هڪ فليگ ميٽنگ ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ افغان وفد جي نمائندگي ڊپٽي گورنر مولوي عزيز الله ۽ ڪمشنر مولوي حڪمت الله ڪئي. جواد حسين ڪاظمي ٻڌايو ته افغانستان طرفان فائرنگ سان تباهه ٿيل پاڪستاني ڪسٽم انفراسٽرڪچر جي مرمت کانپوءِ سرحد هاڻي ڪارگو گاڏين لاءِ کوليو ويو آهي. ان کان علاوه، 15 اپريل تائين فوري جنگبندي تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي، ٻنهي ڌرين تڪراري چيڪ پوسٽن جي تعمير روڪڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻئي طرف، افغانستان جي سرڪاري خابر و ادراي بختر پڻ تصديق ڪئي آهي ته بارڊر کي گاڏين ۽ مريضن لاءِ کوليو ويو آهي، جڏهن ته پيادل هلندڙن کي جمعي تي اجازت ڏني ويندي.
پس منظر
ياد رهي ته 21 فيبروري تي پاڪستاني ۽ افغان سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ سرحد جي ٻنهي پاسن تي تعميراتي سرگرمين تي اختلاف پيدا ٿيڻ کانپوءِ طورخم بارڊر ڪراسنگ ذريعي ماڻهن جي سرحد پار اچ وڃ اوچتو معطل ڪئي وئي هئي.هن مهيني صورتحال ان وقت وڌيڪ خراب ٿي وئي، جڏهن پاڪستان ۽ افغان طالبان جي فوجن جي وچ ۾ سرحد تي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 فوجين سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي ويا هئا. گهڻا گهر، هڪ مسجد ۽ ڪليئرنگ ايجنٽن جون ڪجهه آفيسون توپخاني جي گولا باري جو نشانو بڻيون ۽ سرحد پار فائرنگ جو سلسلو 3 ڏينهن تائين جاري رهيو. ان کانپوءِ سرحد جي ٻنهي پاسن تي قبائلي عمائيدين هن تعطل کي ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون. پاڪستاني جرڳي جي ميمبرن پنهنجي افغان هم منصبن کي ٻڌايو ته سرحد صرف تڏهن کولي ويندي، جڏهن هو “ٻنهي پاسن جي سرحدي ڍانچي ۾ ڪنهن به تبديلي بابت هڪ ٻئي کي اطلاع ڏيڻ لاءِ طئي ٿيل پروٽوڪول ۽ معاهدن جي مڪمل پاسداري ڪندا.” افغان ڌر کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان سرحد پار ڪنهن به تعميراتي سرگرمي کي برداشت نه ڪندو، ڇو ته ماضي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهو فيصلو ۽ اتفاق ٿيو هو ته سرحد جي زيرو پوائنٽ جي ويجهو ڪو به اضافي ڍانچو نه ٺاهيو ويندو. ان کانپوءِ انهن افغان سرحدي فورسز کي متنازعه چيڪ پوسٽ جي تزئين ۽ تعمير کان پاسو ڪرڻ جو چيو، جنهن کي افغان طرف زنگالي پوسٽا جو نالو ڏنو وڃي ٿو. طورخم ۾ ڪسٽم عملدارن چيو آهي ته سرحد جي بندش سبب روزانو لڳ ڀڳ 15 لک ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو هو، ڇو ته افغانستان ڏانهن برآمدات روڪيل هيون. ان دوران طورخم جي دوستي اسپتال جي ذريعن ٻڌايو ته افغانستان مان روزانو 70 کان 80 مريض ايندا آهن، جيڪي طبي معائني لاءِ صحيح ويزا تي پاڪستان پهچندا آهن.
