جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي ٽن قومي اسمبلي وارن تڪن بابت جوڙيل اليڪشن ٽربيونل مان جسٽس طارق محمود جهانگيري جي بدلي واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رد ڪندي کين هدايت ڪئي اهي ته هو پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي ۽ اليڪشن ايڪٽ ترميمي آرڊيننس خلاف ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي بدلي واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت معاملو واپس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيو ۽ ٻيهر فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته عدالت رٽائرڊ جج شڪور پراچا کي اليڪشن ٽربيونل جو جج مقرر ڪرڻ وارو حڪم به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته لکت وارو فيصلو ڪجهه وقت کانپوءِ جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته اسلام آباد جي ٽن قومي اسمبلي جي تڪن تان پي ٽي آءِ وارن نتيجا چيلينج ڪيا هئا ۽ ڪامياب قرار ڏنل مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن جا نوتيفڪيشن رد ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. ٻڌڻي دوران ليگي اميدوارن جسٽس جهانگيري تي اعتراص واريندي سندس تبديلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڪئي هئي جيڪا ڪميشن منظور ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو