جسٽس صلاح الدين پنهور سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينئر ترين جج مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جسٽس صلاح الدين پنهور کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينئر ترين جج مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي ريٽائرڊ ٿيڻ بعد جسٽس صلاح الدين پنهور کي سينئر ترين جج مقرر ڪيو ويو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو 1985 ۾ ماتحت عدالت جو جج مقرر ٿيو هو، کيس جون 2012 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو هو. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو 14 هزار 832 ڪيس هلايا، جن مان 417 ڪيس رپورٽ لاءِ منظور ٿيا. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس به رهيو آهي ۽ هو هڪ سال 2019 ۾ سکر سرڪٽ بينچ جو سينئر ترين جج رهيو. جسٽس نعمت ڦلپوٽو سنڌ سروس ٽربيونل جو چيئرمين، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو انتظامي جج ۽ هاءِ ڪورٽ ڊولپمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين سميت ڪرمنل ڪميٽي جو چيئرمين به رهيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو مقرر ٿيل سينئر ترين جج جسٽس صلاح الدين پنهور 2028 ۾ ريٽائرڊ ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو