جسٽس طارق محمود جهانگيري کي شڪي ڪال ۽ ميسيج ملڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي شڪي ڪال ۽ ميسيج ملڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي.عدالتي ذريعن موجب هاءِ ڪورٽ آفيس جي نمبر تي شڪي ڪال ڪندڙ پاڻ کي بطور ڊي جي ايف آءِ اي طور تعارف ڪرايو، پر جاچ کان پوءِ خبر پئي ته ڊي جي ايف آءِ اي ڪوبه فون نه ڪيو آهي. شڪي ڪال ڪندڙ ڊائريڪٽ جسٽس طارق جهانگيري سان ڳالهائڻ چاهيو ٿي.عدالتي ذريعن موجب شڪي ڪال 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگيري جي آفيس ۾ ڪئي وئي. شڪي نمبر تان جسٽس طارق جهانگيري جي موبائل نمبر تي ميسيج به اماڻيا ويا.جسٽس طارق جهانگيري رجسٽرار کي طلب ڪري ورتو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته موبائل نمبر جي حوالي سان ايف آءِ اي کي فوري طور تي رپورٽ ڪيو وڃي.ياد رهي ته جسٽس طارق محمود جهانگيري اليڪشن ٽربيونل جو به جج آهي ۽ اسلام آباد مان قومي اسيمبلي جون 3 سيتون کٽيندڙ ليگي ميمبرن جي خلاف پي ٽي آءِ جي عذرداري درخواستن جي به ٻڌڻي ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو