جسٽس مامون رشيد لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر

لاهور (بيورو رپورٽ) جسٽس مامون رشيد شيخ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 49هين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس لاهور جي دربار هال ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور جسٽس مامون رشيد کان چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. جسٽس مامون رشيد شيخ جسٽس سردار محمد شميم احمد خان جي 31 ڊسمبر 2019 تي ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ اڄ عهدي جو ح:ف کنيو ۽ هو 18 مارچ 2020 تي ريٽائر ٿي ويندو. حلف برداري تقريب جي موقعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن، آفيسرن، صوبائي وزيرن، اٽارني جنرل فار پاڪستان، انسپيڪٽر جنرل پوليس شعيب دستگير، چيف سيڪريٽري پنجاب، وفاقي ۽ صوبائي قانون جا آفيسر موجود هيا. ان کان علاوهه تقريب ۾ پاڪستان بار ڪائونسل، پنجاب بار ڪائونسل جي ميمبرن، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن ۽ وڪيلن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جنهن بعد جسٽس مامون رشيد جو هاءِ ڪورٽ پهچڻ تي شاندار استقبال ڪري گلدستو پيش ڪيو ويو ۽ کين سلامي پيش ڪئي وئي. ان کان علاوهه چيف جسٽس مامون رشيد شيخ ججز لائونج ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي چيف جسٽس ٻين ججن سان رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي جلد ۽ معياري انصاف جي فراهمي جي حوالي سان پنهنجو ويزن پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو