جسٽس منصور کي چيف بنائڻ جي خاطري بعد ڪميٽي وارا فري ويا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ چيو آهي ته حڪومت سان ڪيل گڏجاڻين ۾ اهو چيو هو ته سينارٽي کي نه ڇيڙيو، جسٽس منصور کي ئي چيف جسٽس بنايو، پيپلز پارٽي سميت حڪومتي پارٽي به انهي کي مڃيو پر ڪميٽي ۾ وڃي ڇو بدلجي ويا اهو انهن کان پڇو وڃي.رپورٽ موجب جي يو آءِ جي ترجمان چيو آهي ته هن وقت اسان کي ڪوبه پاڪستان جو صدر بنائڻ جي آڇ ڪندو ته قبول نه ڪنداسين عهدن جون ڳالهيون اهي پکيڙي رهيا آهن جيڪي انهي ڳالهه مان خوش نه آهن جيڪا مولانا کي عزت ملي ۽ انهي پل جو ڪردار ادا ڪيو. جڏهن اسان وٽ نمبرز پورا هوندا ته پوءِ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو دوستن سان اسان جي اهائي ناراضگي آهي ته اسان جا نمبرز گهٽ ڪيا ويا.جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري چيو ته مولانا چيو هو ته جيڪو ماڻهو غائب ڪرڻ بند نه ڪيا ويا ته حڪومت جو ساٿ نه ڏينداسين. اسان جي به سينيٽرز کي غائب ڪيو ويو پر جيڪڏهن ترميم ۾ حصو نه وٺون ها ته وڏو نقصان ٿئي ها، وڏو نقصان فوجي عدالتن ۽ ٻين خطرناڪ شقن جو هو جيڪي اڄ گوڙ ڪري رهيا آهن، انهن کي ئِي هٿ ٻڌي فوجي عدالتن ۾ بيهڻو هو. انهن کي ته اسان جو ٿورو ادا ڪرڻ گهرجي.جي يو آءِ ترجمان چيو ته جاتي امرا جي اجلاس ۾ حڪومت ٻيهر فوجي عدالتن تي زور ڏنو ۽ چيو ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ فوج کي وڌيڪ اختيار ڏيڻا آهن ته اسان چيو ته ادارن کي ايترو مضبوط ڪريو جو ٿوري جمهوريت پويان رهي سگهي. گذريل 20 سالن کان ڪيترائي آپريشن ٿيا پر انهي جو رزلٽ ناهي نڪتو. جنهن کان پوءِ حڪومت آخري رات جو پنهنجو اصل مسودو ڪابينه ۾ پاس ڪرائڻ جي ڪوشش به ڪئي.ترجمان چيو ته حڪومت اهڙي ترميم آڻڻ چاهي ٿي جنهن سان پارليامينٽ چاهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ختم ڪري سگهي ٿو. انهي فيصلي سان خصوصي سيٽون اسان کي ملنديون پر اسان پوءِ به انهي ترميم کي ڪڍرايو. هڪ شق آخري وقت تي پارليامينٽ مان ڪڍرائي جيڪا آئيني بينچ جي سربراهي بابت هئي. فوجي عدالتون، هاءِ ڪورٽ، ججز جي بدلي جي شق ختم ڪرائي.جي يو آءِ جي ترجمان چيو ته حڪومت کي گڏجاڻين ۾ چيو ته سينارٽي کي نه ڇيڙيو، جسٽس منصور کي ئي چيف جسٽس بنايو. پيپلز پارٽي سميت حڪومتي پارٽي انهي کي تسليم به ڪيو پر ڪميٽي ۾ وڃي ڇو بدلجي ويا؟ اهو انهن کان پڇو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو