جعفر ايڪسپريس جي ڪوچن مان 3 دستي بم هٿ

روهڙي (ن س )ڪوئيٽا ۾ دهشتگرد حملي کان متاثر ٿيل جعفر ايڪسپريس جي ڪوچن مان ٽي دستي بم هٿ ڪيا ويا آهن.ريلوي پوليس موجب، ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هڪ لوڪو شيڊ تي بيٺل ٽرين جي بوگين مان هٿ آيل ڌماڪيدار مواد کي ناڪاره بڻايو ويو آهي.ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته جعفر ايڪسپريس جي ڪوچن جي مرمت جو ڪم جاري آهي.دهشتگرد حملي ۾ جعفر ايڪسپريس جا پنج ڪوچا متاثر ٿيا. گذريل رات اٺ ٽرين جون بوگيون ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي آنديون ويون. جعفر ايڪسپريس جي متاثر ڪوچن کي ڪڇي جي مشڪاف علائقي مان ڪوئيٽا آندو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو