جعفر ايڪسپريس حملو: ادارن خلاف نفرت پکيڙندڙ گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل اسلام آباد، رياستي ادارن خلاف نفرت انگيز مهم هلائڻ جي الزام ۾ بني گالا مان هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو.ايف آءِ اي موجب، جوابدار جعفر ايڪسپريس واقعي تي منفي پروپيگنڊا ۽ توهين آميز مواد شيئر ڪيو.ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل اسلام آباد جو چوڻ آهي ته جوابدار سوشل ميڊيا تي پابندي مڙهيل تنظيمن جي حمايت ۽ پرچار ۾ ملوث آهي، جوابدار جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ۽ ڊجيٽل ثبوت قبضي ۾ ورتا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو