پشاور (ويب ڊيسڪ)جعفر ايڪسپريس 16 ڏينهن کان پوءِ بحال ٿي وئي، ٽرين پشاور کان ڪوئيٽا لاءِ رواني ٿي.ذريعن موجب ڪوئيٽا لاءِ رواني ٿيندڙ جعفر ايڪسپريس ۾ 280 مسافر سوار آهن.ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران جي وفاقي وزير امير مقام ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪي بلوچستان جي ترقي روڪڻ چاهين ٿا انهن کي مايوسي ٿي آهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف ملڪ جي سلامتي لاءِ پرعزم آهن.امير مقام چيو ته دهشتگردن جا ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي، ڪنهن کي به سياست نه ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جي باني جي هدايتن تي ڏنل آخري ڪال کي نظرانداز ڪيو ويو هو.
