لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽر عثمان قادر چيو آهي ته اميد آهي ته جلد پاڪستاني ٽيم ۾ واپسي ڪندس، ان لاءِ مون کي رنسون ٺاهڻ ۽ وڪيٽون وٺڻيون پونديون.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عثمان قادر جو چوڻ هو ته ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ کانپوءِ هميشه ڪيمپ ۾ اچڻ جي اميد آهي، بدقسمتي سان مون کي اسپنرز جي ڪيمپ ۾ دعوت نه ڏني وئي پر منهنجو حوصلو بلند آهي ڇو ته مان هميشه مثبت سوچندو آهيان. مون کي پهريان رنسون ٺاهڻيون آهن ۽ وڪيٽون وٺڻيون آهن پوءِ بيان بازي ڪري سگهندس.عثمان قادر جو چوڻ آهي ته منهنجي واپسي تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي جڏهن مان ڊوميسٽڪ يا ليگز ۾ رنسون اسڪور ڪريان ۽ وڪيٽون وٺان، منهنجي فٽنس جو ڪو مسئلو ناهي.هن چيو ته مان اهو نٿو ٻڌائي سگهان ته مان ڪيمپ ۾ ڇو نه هئس، جن ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا، هاڻي مون کي وڌيڪ سکڻو آهي ته جيئن واپسي سٺي ٿئي.عثمان قادر شاداب خان ۽ اساما مير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته دعا آهي ته اهي وڌيڪ ڪامياب ٿين، منهنجي به ڪوشش آهي ته سٺي بيٽنگ ڪري ڇو ته آل رائونڊرز ۾ به پنهنجي جاءِ ٺاهڻ چاهيان ٿو.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ