اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جو ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي بيان سامهون اچي ويو آهي.وزيراعظم چيو ته انتشاري سياست رد ڪري عوام معاشي پاليسين ۾ بهتري کي ترجيح ڏني آهي، عوام مهانگائي ۾ گهٽتائي، پنهنجي مسئلن جو حل ۽ معاشي بهتري چاهي ٿو.شهباز شريف چيو ته جلسن جي لاءِ ميدان ڀرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ عوام جون معاشي حالتون بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. جلسا 2028 ۾ ڪنداسين هن وقت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ جي لاءِ محنت ڪرڻ جو وقت آهي.وزيراعظم چيو ته معاشي بحالي سياسي استحڪام سان جڙيل آهي، سياسي انتشار جو مطلب عوام کي ريليف ڏيڻ جي عمل کي متاثر ڪرڻ آهي. عوام سياسي استحڪام جي مضبوطي ۾ ڪردار ادا ڪري معاشي ترقي جي حمايت ڪئي آهي، سياسي استحڪام جي لاءِ قوم جو اتحاد پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل ۽ مهانگائي کان ڇوٽڪاري جي ضمانت ثابت ٿيندو.هن چيو ته معاشي چيلينج، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قوم، سياسي پارٽين، ادارن ۽ صوبن کي ملي ڪم ڪرڻو پوندو. سياسي افراتفري ۾ قوم ۽ ملڪ جو تمام گهڻو وقت ضايع ٿي چڪو آهي. وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ نه آهي. وفاق سمورن صوبن سان ملي عوامي مسئلن جي حل، مهانگائي ۾ گهٽتائي، مساوي ترقي جي لاءِ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي پاليسي تي ڪاربند رهندو.وزيراعظم چيو ته رب پاڪ جو شڪر آهي ته مهانگائي سنگل ڊيجٽ ۾ واپس آئي آهي، معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، برآمدات ۾ اضافو، روپئي جو مستحڪم ٿيڻ، ناڻي جي مٽاسٽا ۾ اضافو، وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ اهي سڀ معاشي ترقي جا چٽا ثبوت آهن. اسان سڀني جو اصل حدف اهو هجڻ گهرجي ته اهو آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو، اها هوندي اصل ڪاميابي.هن وڌيڪ چيو ته گاريون، گولي، انتشار ۽ فساد سان معيشت بهتر ٿيندي نه معاشرو، هر صوبو، هر ادارو عوام جي مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج
10 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي واقعي تي گهرو وزير پاران رپورٽ طلب
گلبرگ ۾ پاڻي فراهمي نه ٿيڻ تي محتسب اعليٰ ۾ درخواست داخل
عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن پاران هڙتال جاري
جلسن جي لاءِ ميدان ڀرڻ بجاءِ عوام جي معاشي حالت بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي
سوات ۾ پوليس موبائل تي بم حملو، هڪ اهلڪار شهيد، 3 زخمي
پي ٽي آءِ کي لاهور ۾ مايوسي کي منهن ڏيڻو پيو
ڪنهن شيءِ جو حصو نه ٿينداسين جنهن سان بنيادي حق متاثر ٿين
اسرائيلي اخبار عمران خان کي اسرائيل جو حمايتي قرار ڏئي ڇڏيو
پ پ آئيني ترميم ذريعي عدليه کي ڪنٽرول ڪرڻ وارين سازشن ۾ شريڪ آهي
خان جي باري ۾ اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ جو انڪشاف افسوسناڪ آهي
وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو
ايس ٽي پي ڪانگريس اجلاس، ايندڙ ٻن سالن جي لاءِ عهديدارن جي چونڊ
شگر مل وارن جو گورنر کي خط، قرضن جي واپسي ۾ واڌ جو مطالبو
ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر ليڪ،خدشو هو پيپر ليڪ ٿيندو،نوناري
مردن تي حيران آهيان،زالن کي تنگ لباس پهرائي ٻاهر ويندا
زوب ۾ پوليس گاڏي تي فائرنگ، اي ايس آءِ سميت 3 اهلڪار شهيد
گنڊاپور اٽڪ ڪراس ڪري چئلينج پورو ڪري ڇڏيو: سيف
علي وزير جي نظربندي ۾ واڌ،پنڊي بينچ ۾ درخواست داخل
پنجاب ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 86 ڪيس ظاهر