جماعت اسلامي پاران 50 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽ ڪرڻ جي گهر

ڪراچي اسٽاف (رپورٽر (جماعت اسلامي سنڌ پيٽرول اگهن ۾ گهٽ ۾گهٽ 50 رپيا ڪمي ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جي گهر ڪندي چيو آھي تہ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۽ عام واھپي وارين شِن جي قيمتن ۾ ڪمي ڪري عوام کي تيل اگھن جي ڪمي جو فائدو پھچايو وڃي.جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ ھڪ بيان ۾ چيو آھي تہ عالمي منڊي ۾ تيل اگھن ۾ واضح ڪمي باوجود پاڪستان ۾ معمولي گھٽائي عوام سان ناانصافي آھي تنھن ھوندي 4 ڀيرا تيل اگهن ۾ گهٽتائي باوجو ھيٺين سطح تي عوام کي ان جو ڪوبہ لاڀ حاصل نتو ٿئي. واپاري توڙي ٽرانسپورٽر جڏھن معمولي قيمت وڌي ٿي پاڙن ۽ شين جا اگه آسمان تي پھچائي چڏين ٿا پر گهٽائي جو فائدو عوام تائين نٿو پھچايو وڃي.انتظامي مشينري بہ عوام جي دادرسي ڪرڻ بدران ڏنو پٽ ڇٽي جي ڪار ۾ لڳي پئي آھي. انڪري حڪومت پيٽرول قيمتن ۾ ڪمي جو فائدو عوام کي پھچائڻ لاءِ اثرائتا قدم ڪڻي تہ جيئن مھنگائي ۾ گهٽ تائي ۽ عوام ڪو سک جو ساھ کڻي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو