ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ-ف) جو اڳواڻ حافظ حسين احمد لاڏاڻو ڪري ويو. حافظ حسين احمد جي پٽ منير احمد جو چوڻ آهي ته سندس پيءُ ڪافي عرصي کان گردن جي بيماري ۾ مبتلا هو. جي يو آءِ اڳواڻ جي پٽ چيو ته حافظ حسين احمد جي نماز جنازه ۽ تدفين جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.جمعيت علماءِ اسلام پڻ پنهنجي سرڪاري فيس بڪ اڪائونٽ ذريعي حافظ حسين احمد جي وفات جو اعلان ڪيو. حافظ حسين احمد سينيٽر ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ هو. کيس مولانا فضل الرحمان جي ويجهن ساٿين مان هڪ سمجهيو ويندو هو.
