جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته گرفتارين سان ملڪ نه هلندو آهي، بلاول ڀٽو فتح جو نشان ٺاهي هاڻ چوي ٿو ته مون کي خبر نه آهي، ملڪ ۾ جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، هي حڪومت 45 ڏينهن جي مهمان آهي جيڪا جلد ختم ٿيڻ واري آهي.فواد چوڌري چيو ته ايندڙ 45 ڏينهن ۾ هي حڪومت اوهان کي ختم ٿيندي نظر ايندي، حڪومت جا آخري پساهه آهن، هاڻ صرف آخري ڌڪو ڏيڻ رهجي ويو آهي. هن چيو ته حڪومت کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ باني کي جيل جي دروازي تي آڻڻ به انقلاب کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. جنهن ڏينهن پي ٽي آءِ باني جيل مان آزاد ٿيندو روڊن تي عوام جو سمنڊ هوندو.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت هن وقت بوکلاهٽ جو شڪار آهي. حڪمران ٽولي ماڻهن کي ورهائي ڇڏيو آهي. هن حڪومت جي سمورين پاليسين جو بنياد ظلم ۽ بربريت آهي. ملڪ ۾ جمهوريت جو تماشو بڻجي ويو آهي.فواد چوڌري چيو ته آئين جو بنيادي ڍانچو تبديل نٿو ڪري سگهجي. آئيني ترميم جو هڪ ئي مقصد آهي ته ملڪ ۾ نئون پي سي او لڳايو وڃي، هي هاڻ ناپسند ججز کي ٻاهر ڪري پنهنجن پسنديده ججز کي آڻڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پورو ملڪ هن وقت وڪيلن جي پٺيان بيٺل آهي. سينئر ترين جج ئي چيف جسٽس بڻجي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو