جمهوريت جي شهيدن جي مزار تي حاضري، ڀيٽا پيش

سڪرنڊ رپورٽ (فقير راج ڪماراوڏ)ايم آر ڊي تحريڪ دوران ڳوٺ پنهل خان چانڊيو جي 16 شهيدن جي 37 هين ورسي ڳوٺ پنهل خان چانڊيو ۾ ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي شهيدن جي مزارن تي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، حاجي علي نواز چانڊيو ۽ شهيدن جي وارثن شهيدن جي آخري آرامگاهن تي گلن جون الڳ الڳ چادرون چاڙهي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي شهيدن جي سياسي وارث غلام قادر چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 83 جي تحريڪ دوران ڊڪٽيٽر آمر ضياء جا ڪيل ظلم تاريخ جي ڪارن اکرن ۾ لکيل آهن جڏھن ته شهيدن جي قربانيون تاريخي ورقن ۾ سنهري اکرن سان اڄ به لکيل آهن. ان حقيقت کان انڪار ناهي ته اڄ پيپلز پارٽي جيڪا اقتدار ۾ آهي ان ۾ شهيدن جي قربانين جو وڏو ڪردار آهي شهيدن جي قربانين سبب اسان سڀ ڪجهه آهيون.  پ پ پ شهيدن جي پارٽي آهي ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ علي نواز چانڊيو چيو ته هڪ ته شهيد زنده هوندا آهن  ٻيو ڪردار زنده هوندو آهي اهوئي سبب آهي  جو اڄ انهن ڪردارن کي ياد ڪرڻ ۽ کين خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سندن آرام گاهن تي گڏ ٿيا آهيون. ورسي تقريب ۾ حاجي خان لاکو ، سيد شهنشاھ ، عبدالفتاح جمالي ، غلام نبي جوکيو ،صوفي فنڪار رضوان چانڊيو ، شهيدن جي وارثن علي خان خاصخيلي ، انور خاصخيلي، خادم سولنگي . اقبال چانڊيو ، سعيد خان چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو جي رهائشگاهه تي 16 شهيدن جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪري خيرات جي ماني ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو