ڪراچي ايئرپورٽ سگنل ويجهو ڌماڪو،1 ڄڻو فوت،10 ڄڻا زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ سگنل ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.ايس ايس پي ملير موجب ڪراچي ايئرپورٽ سگنل ويجهو اوچتو ڌماڪو ٿيو، جنهن کانپوءِ گاڏين کي باهه لڳي وئي.سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته اطلاع آهن ته ڌماڪو آئي اي ڊي هو، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.هن چيو ته ڌماڪي جو شڪار ٿيل گاڏي ۾ پرڏيهي شهري هئا، ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پرڏيهي شهري زخمي ٿي پيو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايڇ او ڊي ايمرجنسي ڊاڪٽر نوشين ٻڌايو ته ڌماڪي جي 6 زخمين کي جناح اسپتال آندو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو