جنت مرزا نسيم شاهه کي ديوانو بڻائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بالر نسيم شاهه چيو آهي ته سندس پسنديده ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا آهي. پاڪستان سپر ليگ جي آفيشل ميڊيا اڪائونٽس تي هڪ گيم کيڏي وئي، جنهن ۾ اداڪار احد رضا مير، ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا، ڄام صفدر، سحر ڪامران کي سڃاڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. ڪجهه رانديگر مشهور شخصيتن کي سڃاڻڻ ۾ ڪامياب ويا، اڪثر ڪرڪيٽرن ٽاڪ ٽاڪر ڄام صفدر ۽ جنت مرزا کي سڃاڻي ورتو. نسيم شاهه انڪشاف ڪيو ته جنت مرزا سندس پسنديده ٽڪ ٽاڪ اسٽار آهي، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو