جنسي حراسگي ڪيس ۾ ميشا شفيع جي خواهش تي جج تبديل

لاهور(م ڊ) جنسي حراسگي واري ڪيس ۾ گلوڪاره ميشا شفيح جي اعتراض بعد ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج پاڻ کي ڪيس کان علحيده  ڪري ڇڏيو. هاڻي هن ڪيس جي ٻڌڻي 11 مئي کان ايڊيشنل سيشن جج سيد امجد علي شاه ڪندو. ياد رهي ته سيشن جج لاهور خالد نواز دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو. گلوڪاره درخواست ۾ الزام هنيوهو ته جج ان جي وڪيل تي هرو ڀرو ڪاوڙ ڪئي ۽ 10 هزار مٿس ڏند به هنيو. لاهور جي سيشن ڪورٽ جي جج شڪيل احمد 6 مهينن کان علي ظفر جي  طرفان ميشا شفيح جي خلاف جنسي حراسگي کي واري الزام کي ڪوڙو قرار ڏيندي 100 ڪروڙ هرجاڻي جي دعوا ڪئي هئي. ٻنهن جي وچ ۾ جهيڙو اپريل 2018 کان ان وقت سامهون آيو هو جڏهن ميشا شفيح علي ظفر تي هڪ ٽويٽ ۾ جنسي حراسگي ڪرڻ جو الزام هنيوهو. گلوڪارا، علي ظفر تي 200 ڪروڙ هرجاڻي جو نوٽيس موڪليو ۽ 15 ڏينهن تائين معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو