اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ وارا اڳ ۾ پنهنجي ليڊر جو حشر ڏسن

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته هر سٺي ڪم ۾ حڪومت سان گڏ آهيون.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڳالهين سان نه عملي طور ٽي ٽرانسپورٽ سيڪٽر کي پيرن تي بيهارڻو آهي. ريڊ لائن اهم منصوبو آهي، حڪومت ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڪرڻ جي نيت سان ئي ويٺل آهي، ڪانٽريڪٽر اسان سان ملي ڏينهن رات ڪم ڪندا. هڪ سال جو ڪم ڇهن مهينن ۾ ۽ ڇهن مهينن جو ڪم 3 مهينن ۾ مڪمل ڪنداسين.هن چيو ته ڪابينه ۾ شامل نه ٿيڻ جو مطلب اهو نه آهي ته وفاقي حڪومت کي ڪم ڪرڻ نه پيا ڏيون، پيپلز پارٽي ملڪ جي بهتري لاءِ هر سٺي ڪم ۾ حڪومت سان گڏ آهي. هن چيو ته ريڊ لائين منصوبي جي لاڳت تي ڪانٽريڪٽر ڪنسلٽنٽ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ ملي نظر ثاني ڪري رهيا آهن. لاڳت ۾ تبديلي ڪنسلٽنٽ جي مرضي ۽ مشاورت سان ڪئي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي تي معصوم ٻارن ۽ ڀينرن کي عمران خان استعمال ڪيو، اهو سبق آهي جيڪو به اڳواڻ تشدد جي ڳالهه ڪري ان جي ڳالهه نه ٻڌو. ڪنهن وڏي وزير کي اسلام آباد چڙهائي جو شوق آهي ته اهو پنهنجي اڳواڻ جو حشر ڏسي.

پهنجو تبصرو موڪليو