جن ترميمن تي اتفاق راءِ ٿيو، اهي آڪٽوبر ۾ منظور ٿينديون، راڻا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته جن ترميمن تي اتفاق ٿيو آهي آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ منظور ڪرائي سگهجن ٿيون،ميڊيا ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي آهي ته تجويز ڪيل آئيني ترميمن جي مسودي تي پي ٽي آءِ سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ٿي، کين اهو به يقين آهي ته ترميمن سان بهتري ايندي.هن چيو ته عارضي ناڪامي حڪومت جي ناڪامي ناهي.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته عدالتي نظام ڪم نه ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ٻين ڪيسن ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو