طفيل مگسي
هي قصو.انهن.ماڻھن جي لاء نهايت اهميت رکي ٿو جيڪي صبح جو.ڪنهن جي منهن ڏسڻ يا چڙھڻ کي منحوسي سمجهندا آھن ۽ سڄو ڏينهن ان کي پنهنجي لاء روڳ ڀائيندا آھن آھن يا نڀاڳو سمجهندا آھن.نه صرف ايترو بلڪ جيڪو به کين کي صبح جو منهن چڙھندو يا پوندو آھي ته ان کي گار گند ڏيڻ کان به پاسو نه ڪندا آھن.
هڪ ڏينهن جي ڳالھ آھي ته هڪ بادشاه هوندو هو.جنهن کي شڪار ڪرڻ جو وڏو شوق هوندو هو ۽ جڏھن هو شڪار تي وڃڻ جي لاء محل کان نڪرندو هو ته سپاهين کي حڪم ڏيندو هو ته منهنجي رستي ۾ ڪو به ماڻھو نه اچي. هن جي حڪم تي سپاهي سمورا رستا صاف ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ڪو به انسان بادشاه جي سامهون نه ايندو هو.
ليڪن هڪ ڏھاڙي ائين ٿيو ته هڪ بزرگ ڪاٺيون وڍڻ جي لاء جهنگ ۾ ويو ۽ ھو بادشاه جي سامهون چڙھي ويو.بادشاه هن کي ڏٺو ۽ سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويو.هن سپاهين کي حڪم ڏنو ته هن بزرگ کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو.بادشاده بزرگ کي چيو“جيڪڏھن شڪار نه مليو ته واپس اچي ڪري مان توکي ڦاسي ڏئي ڇڏيندس ۽ جيڪڏھن شڪار مليو ته مان توکي ڇڏي ڏيندس“
بادشاه شڪار ٿي هليو ويو ۽ قسمت سان هن کي تمام سٺو شڪار ملي ويو.خوش ٿي ڪري جڏھن هو واپس موٽيو ۽ بزرگ کي وڻ کان کولڻ جو حڪم ڏنائين.بادشاه چيو“مون کي شڪار ملي ويو آھي.ان ڪري مان توکي معاف ڪريان ٿو“
بزرگ وراڻيس“بادشاه سلامت مان توکي هڪ ڳالھ چوڻ چاهيان ٿو.
بادشاه موٽ ۾ چيس“چئو ڇا تو چوڻ چاهين“
بزرگ جواب ڏنو“تنهنجي جي لاء مان منحوس ثابت ٿيس.ڇوته تنهنجو مڃڻ ھو ته منهنجي سامهون اچڻ جي ڪري توکي شڪار نه ملندو .ليڪن تون به منهنجي لاء منحوس ثابت ٿين.ڇاڪاڻ ته تنهنجي سبب کان منهنجو سڄو ڏينهن برباد ٿيو ۽ مون کي ان قدر تڪليف برداشت ڪرڻي پئي “اهو ٻڌي ڪري بادشاه سوچ ۾ پئجي ويو ۽ ھن کي احساس ٿيو ته ڳاله ته درست آھي.جيڪڏھن ڪو توهان جي لاء منحوس آھي ته توهان به ان جي لاء منحوس ٿي سگهو ٿا.
پيارا انسانون ڪو به منحوس ناهي هوندو.ان ڪري اهو تصور دل و دماغ منجهان ڪڍي ڇڏيو.اهي جهالت.وهم ۽ وسوسي جون ڳالهيون هونديون آھن.ڇاڪاڻ ته ڪو به ڪنهن جي لاء منحوس ناهي هوندو بلڪ اها صرف شيطاني سوچ آھي.ان کانسواء ٻيو ڪجه به ناهي؛؛؛
