ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جواد ڏيرو کي سنڌ جو نئون ايڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.صوبائي قانون کاتي طرفان ان جواد ڏيرو جي ايڊووڪيٽ جنرل طور مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته صوبائي ايڊووڪيٽ جنرل جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج طور مقرري کانپوءِ جواد ڏيرو قائم مقام ايڊووڪيٽ جنرل جي حيثيت سان ذميواريون نڀائي رهيو هو.
