لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي نئين لهر آيل آهي، پاڪ فوج جا جوان پنهنجي حياتين جون قربانيون ڏئي ملڪ کي بچائي رهيا آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته جعفر ايڪسپريس واقعو، نوشڪي ۽ پشاور ڌماڪن جي مذمت ڪرڻ چاهيان ٿي. ٽن چئن ڏينهن کان دهشتگردي جي نئين لهر ۾ ڪيترائي واقعا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ڪليئرنس آپريشن ڪري رهيا آهن، سيڪيورٽي ادارن جعفر ايڪسپريس واقعي ۾ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو.هن چيو ته اهڙن واقعن ۾ اوهان ادارن سان گڏ بيٺل هوندا آهيو، اهڙيون پارٽيون پيدا ٿي چڪيون آهن جيڪي پاڪ فوج جي خلاف سوشل ميڊيا تي زهر اوڳاڇيندڙ مهم هلائينديون آهن، اسان جا دشمن اهڙي زهريلي پروپگينڊا مان فائدو کڻندا آهن، ڀارتي ميڊيا جي شايد اڳ ئي تياري هئي ته جعفر ايڪسپريس واقعو ٿيڻو آهي، انڊين ميڊيا ۽ انهي پارٽي جي طرفان ساڳئي مهم هلائي پئي وڃي، تحريڪ فساد جي اهڙي حب الوطني تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.عظميٰ بخاري چيو ته پي ٽي آءِ جا ٻاهر ڀڳل اڳواڻ ۽ ڪارڪن پاڪستان جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، شهباز گل اوهان جي پارٽي جو اڳواڻ آهي يا نه؟ جيڪو پاڪستان تي حملي جون خوشيون ملهائي اهڙي پارٽي کي سياسي پارٽي نٿي مڃان، جعفر ايڪسپريس واقعي تي ڇا ڪو به پاڪستاني ڀارتي ميڊيا جي زبان ڳالهائي سگهيو ٿي؟ صوبائي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه ڏينهن ۾ دهشتگردي جا ڪيترائي واقعا ٿيا، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير افغان پاليسي تي وڏي تنقيد ڪئي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته افغانين کي پاڪستان جي شهريت ڏيڻ گهرجي، 4 مارچ تي ٿيندڙ بنون ڌماڪي ۾ هڪ افغان شهري جي سڃاڻپ ٿي آهي، اسان جي پاڪ فوج جي جوانن ۽ سيڪيورٽي ادارن ملڪ جي مٿان ڪابه مصيبت نه اچڻ ڏني آهي.
