جوبائيڊن جي ايران تي حملي جي ڳالهه خطرناڪ آهي، ايران

تحران (ويب ڊيسڪ)ايران چيو آهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن جي برلن ۾ ايران تي حملي جي اسرائيلي منصوبي تي ڳالهه ٻولهه اشتعال انگيز آهي.گڏيل قومن ۾ ايراني مشن سلامتي ڪائونسل کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته جوبائيڊن جو بيان اسرائيل جي فوجي جارحيت جي منظوري ۽ حمايت جو اشارو آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ايران خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ اشتعال انگيز جو ذميوار آهي، آمريڪا ايران خلاف اسرائيلي جارحيت کي ڀڙڪائڻ ۽ ان کي فعال ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪردار جو ذميوار هوندو.ايراني مشن پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو ته آمريڪا علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي تي تباهي واري نتيجن جو ذميوار هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو