جون 2025ع تائين روپيو پنهنجو ملهه 18 سيڪڙو وڃائي ويهندو: آئي ايف ايف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آئي ايم ايف چيو آهي ته ايندڙ سال جون تائين روپيو پنهنجو ملهه 18 سيڪڙو تائين وڃائي ويهندو، ميڊيا رپورٽ موجب نيپرا جي عملدارن سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ آئي ايم ايف تجويز ڏني آهي ته جولاءِ ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ روپئي جي موجوده ملهه بدران ايندڙ سال جون تائين ٿيندڙ روپئي جي ملهه ۾ لاٿ مطابق ڪئي وڃي، آئي ايم ايف جي ڪاٿي مطابق ايندڙ سال جون تائين روپيو پنهنجو روپيو 18 سيڪڙو تائين وڃائي ويهندو ۽ 329 سطح تائين هيٺ ڪري پوندو، توانائي وزارت جي ذريعن مطابق حڪومت روپئي جي موجود ملهه مطابق جولاءِ ۾ بجلي جي اگهن ۾ 7 روپيا في يونٽ ڪرڻ جو اضافو رکڻ جو ارادو رکي ٿي، آئي ايم ايف روپئي جي ايندڙ سال جي ملهه جي بنياد تي بجلي ٽيرف مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪندي چيوته ايندڙ سال جون تائين روپيو پنهنجو ملهه 18 سيڪڙو وڃائي ويهندو ۽ ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جوملهه 329 روپين تائين ڪري پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو