جويريه خان 100 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏندڙ چوٿين رانديگر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني عورتن جي ڪرڪٽ ٽيم جي اوپنر جويريا خان آچر تي ٽي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽوئنٽي ميچ جي 100 ميچ کيڏي رڪارڊ قائم ڪيو آهي.  هوءَ چوٿين پاڪستاني عورت ڪرڪٽر آهي جنهن اهو اعزاز حاصل ڪيو آهي. ٽاپ آرڊر ۾ بيٽنگ ڪندڙ جويريا بسمه معروف جي آڱوٺي زخمي ٿيڻ بعد وومن ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ڪپتاني ڪري رهي آهي. هن 2018 جي ورلڊ ڪپ ۾ به ڪپتاني ڪئي هئي ۽ هن مهل تائين 11 انٽريشنل ميچز ۾ ڪپتاني ڪري چڪي آهي. بسمه معروف 108، ثنا مير 106 ۽ ندا ڊار 101 ميچز ۾ ڪپتاني ڪري چڪيون آهن. جويريا پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي چيو ته سندس لاءِ اهو اعزا آهي ته هوءَ پاڪستان جي قيادت ڪري رهي آهي پر افسوس آهي ته اها ميچ هارائي وياسين. پاڪستان گروپ بي ۾ اڱاري تي ٿائيلينڊ خلاف آخري ميچ کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو