جوڊيشل ڪامپليڪس حملي ڪيس ۾ مراد، حماد ۽ فرخ مفرور قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت (اي ٽي سي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻن مراد سعيد، حماد اظهر ۽ اڳوڻي اڳواڻ فرخ حبيب کي جوڊيشل ڪمپليڪس حملي جي ٻن ڪيسن ۾ مسلسل غير حاضري تي مفرور قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف جوڊيشل ڪمپليڪس حملي ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جج طاهر عباس سپرا ڪئي. عدالت مراد سعيد، حماد اظهر ۽ فرخ حبيب کي مسلسل غير حاضري تي مفرور قرار ڏنو.دهشتگردي جي خاتمي جي خاص عدالت ڪيترن ئي غير حاضر جوابدارن جي گرفتاري جا وارنٽ پڻ جاري ڪيا، جن ۾ واثق قيوم عباسي ۽ راجا بشارت شامل آهن.عدالت ٻنهي ڪيسن ۾ وڌيڪ ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جوابدارن جي پيشي کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف رمنا پوليس اسٽيشن ۾ ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو