اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا آهن ته هن وقت ڪابه آئيني بينچ ناهي ته هي جيڪا غير آئيني بينچ ويٺل آهي انهي کي ڇا ڪرڻو آهي، جيستائين آئيني بينچ نه ويهندو ڇا اسان غير آئيني آهيون؟جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران آئيني بينچ جو ذڪر ٿيو جنهن تي جسٽس عائشه ملڪ چيو ته هي ڪيس آئيني بينچ ٻڌندو اسان ريگيولر بينچ ٻڌي رهيا آهيون.جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته مطلب اهو آهي ته جيستائين آئيني بينچ نه ويهندو آئيني ڪيس نه ٻڌا ويندا. اسان هن ڪيس کي ٻڌي به وٺون ته اسان کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي. هر ڀيري اهو سوال سامهون آيو آهي ته ڪيس ريگيولر بينچ ٻڌندو يا آئيني بينچ، جيڪڏهن اسان ڪيس جو فيصلو ڪري به ڇڏيون ٿا ته ڇا ٿيندو؟جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٺيڪ آهي جيڪڏهن اسان فيصلو ڪري ڇڏيون ٿا ته اسان کي ڪير روڪڻ وارو آهي؟ نظرثاني به اسان وٽ ايندي ته اسان چئي ڇڏيون ته اسان جو اختيار آهي، آئيني ڪيس ريگولر ڪيس نٿو ٻڌي سگهي، وڪيلن طرفان به ڪابه مدد نه پئي ڪئي وڃي.جسٽس عقيل عباسي سوال اٿاريو ته هن وقت ڇا اسان هي ڪيس ٻڌي سگهون ٿا يا نه. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٿورو وقت ڏئي ڇڏيو ڏسون ٿا ته ڇا ٿو ٿئي. جسٽس عائشه ملڪ ريمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 2 اي موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي انهي جو فيصلو ڪندي، جنهن ۾ اڃان وقت لڳندو. پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي هن جو فيصلو ڪندي ته هي آئيني بيچ ٻڌندو يا ريگيولر بينچ،جسٽس منصور علي شاهه مسڪرائيندي ريمارڪس ڏنا ته اسان اوهان جي گذارش تي ڪوبه نقطه نظر نٿا ڏئي سگهون انهي کي ملتوي ڪري ٿا ڇڏيون، اسان صرف ڪچهريون ڪري رهيا آهيون، جنهن کان پوءِ عدالت سڳوري ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
چينين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن
پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست
پنجاب ۾ بدترين ڪوهيڙي جي صورتحال اڃا برقرار
شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات
ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي
ڊي جي خان: زرتاج گل جي ضمانت منظور
بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي اصل قيمت وصول ڪئي وڃي
پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا: گوهر
پي ٽي آءِ باني پاڻ کان ٻاهر نڪري پاڪستان جو سوچي:وهاب
ريتي بجري جي غير قانوني ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر جو احتجاج مس ڪال ثابت ٿيندو
غزه ۾ حملا ،24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي
قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج
توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي بريت واري درخواست رد
ظلم برداشت ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون: گنڊاپور
آئيني بينچ جي پهرين ٻڌڻي،ماحولياتي آلودگي بابت رپورٽ طلب
ايف آءِ اي ڪراچي مان هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو
اتر وزيرستان: گهر ۾ ڌماڪو، 2 ٻارڙا مارجي ويا
سنڌ جي 18 ضلعن ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ
عمران کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ منهنجو ڪو به ڪردار ناهي