’جيسين سنڌ ۾ پي پي جي حڪومت آهي، سنڌو ديش جو نعرو نه لڳندو‘

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڻي وارن معاملن جي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ’گرين انيشيٽو‘ هيٺ پنجاب ۽ سنڌ رضامندي سان زمين ڏني آهي جيئن خوراڪ جي کوٽ ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته زمين نگران حڪومت ڏني هئي، سنڌ ۾ هاڻي چونڊيل حڪومت آهي جيڪڏهن چاهي ته زمين ڏيڻ جو فيصلو واپس ڪري سگهي ٿي.اهڙو اظهار هن قومي اسمبلي ۾ ميمبرن جي نجي ڪاروائي واري ڏينهن تي پيپلز پارٽي پاران پيش ڪيل ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي مختلف ميمبرن جي پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزير وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ 48 لک ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪرڻ لاءِ چولستان ڪينال به ٺاهيو پيو وڃي، جنهن ۾ پنجاب جي حصي مان پاڻي ڏنو ويندو۽ سنڌ جيڪا زمين ڏني آهي ان لاءِ پاڻي سنڌ جي حصي مان ڏنو ويندو. سيد نويد قمر چيو ته اهڙامنصوبا اتي شروع ٿيندا آهن جتي پاڻي گهڻو هوندو آهي، پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ۽ ان لحاظ کان پاڪستان ٽيون نمبر ملڪ آهي. هن چيو ته منهنجو تعلق سنڌ جي نهري نظام جي آخري ضلعي سان آهي جتي پاڻي جي سخت کوٽ آهي، اوهان بنجر زمين آباد ڪرڻ لاءِ زيخير زمين تباهه ڪندا.نويد قمر چيو ته اسين مس ڪالا باغ ڊيم مان جان ڇڏائي آهي هاني وري ڪارپوريٽ فارمنگ جي نئين مصيبت آندي پئي وڃي، پاڪستان اهڙن منصوبن کي برداشت نٿو ڪري سگهي. مصدق ملڪ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ مان ٿيندڙ منافعي مان 40 سيڪڙو صوبي کي ۽ 40 سيڪڙو سيڙپڪار کي ملندو ۽ 20 سيڪڙو زرعي تحقيقات تي خرچ ٿيندو. سيد خورشيد شاهه چيو ته کيس وفاقي وزير جي جواب تي مايوسي ٿي آهي، هي انتهائي حساس معاملو آهي. اسان اڃا تائين 1991ع واري پاڻي معاهدي جو احترام ڪريون ٿا. خورشيد شاهه تجويز ڏني ته ايوان هڪ ڪميٽي ٺاهي ۽ ڏسو ته پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ ڪيترو وڃي رهيو آهي، ٽيلي ميٽري سسٽم اڃا تائين نصب نه ٿي سگهيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته ڪنهن حساب ڪيو آهي ته 48 لک ايڪڙ زمين لاءِ ڪيترو پاڻي گهربل هوندو؟ هن چيو ته اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي 48 لک ايڪڙ زمين گهرجي يا پاڪستان؟ جنهن تي مصدق ملڪ چيو ته مونکي پڪ آهي ته جنهن پارٽي پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو، اها سنڌو ديش جو نعرو ڇو لڳائيندي؟ هن چيو ته پيپلزپارٽي جيسين سنڌ ۾ حڪومت ۾ آهي تيستائين اهڙو نعرو نه لڳندو. هن چيو ته مون کي ان معاملي تي خاص ڪميٽي ٺاهڻ ۾ ڪو به اعتراض نه آهي. غلام علي نظاماڻي چيو ته ڇا اڳ م جاگيردار گهت آهن جو هن رٿا سان نوان جاگيردار ٺاهيا پيا وڃن؟

پهنجو تبصرو موڪليو