جيپ سنڌو درياءَ ۾ ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 9 فوت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جيپ سنڌو درياءَ ۾ ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 9 ڃڻا فوت ٿي ويا، 12 ڄڻن ٽپا ڏئي جان بچائي ۽ معموليي زخمي ٿي پيا. خيبر پختونخواه جي ضلعي ڪوهستان جي علائقي شلڪان آباد ۾ روڊ خراب هئڻ سبب حادثو پيش آيو، حد جي ايس ايڇ او حفيظ الرمان موجب جيپ ۾ 21 ماڻهو سوار هئا ۽ غدر جي پهاڙي علائقي ڏانهن وڃي رهيا هئا. فوتين ۾ 2 عورتون ۽ 3 ٻارڙا شامل آهن، فوتين جا لاش غازي آباد اسپتال پهچايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو