جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي

جيڪب آباد(ن س )جيڪب آباد جي عدالت پوليو خلاف مهم دوران عورت سان زيادتي ڪرڻ واري ڪيس ۾ مقتول عورت جي مڙس ۽ ڀائٽي سميت 3 جوابدارن کي 11 ڏينهن لاءِ جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پوليس موجب ٽنهي جوابدارن کي 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن بعد عدالت جوابدارن کي 11 ڏينهن لاءِ جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن تي پوليو ورڪر عورت کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام آهي، جڏهن ته مقتول عورت کي سندس مڙس بدفعلي جو نشانو بڻائي گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو.ٻئي طرف زيادتي جي مرڪزي جوابدار کي رمانڊ مڪمل ڪرڻ بعد 21 سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو