جيڪو عاشق رسول ناهي اهو ڪجهه به ناهي، گورنر سنڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته حضور ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، جيڪو عاشق رسول ناهي اهو ڪجهه به ناهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي جي لياقت آباد جي مدرسي لياقت آباد ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.ڪامران خان ٽيسوري چيو ته هو خوش قسمت آهي ته الله تعاليٰ کيس 12 ربيع الاول تي سنڌ جو گورنر بڻايو.هن چيو ته الله تعاليٰ اسان کي ختم نبوت جي حفاظت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.ان موقعي تي مفتي جميل راٺوڙ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري.گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري عوام ۾ لنگر ورهايو، ماڻهن سنڌ جي گورنر کي پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ سيلفي پڻ ورتي.سنڌ جي گورنر هائوس اسلام آباد کي به 12 ربيع الاول ملهائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، گذريل سال وانگر هن سال به برقعي قمقمئن سان سينگاريو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو