جيڪو ٽيڪس گڏ ٿيو قرض ۾ هليو ويو، لنگڙيال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيئرمين ايف بي آر راشد لنگريال جو چوڻ آهي ته رپئي جي گنجائش موجب ٽيڪس وصولي اڃا 2016ع جي سطح تي آهي.ايف پي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي راشد لنگريال چيو ته جمع ٿيل ٽيڪس قرضن ۾ ويو، جيڪڏهن سڄي سال جو ٽيڪس رڳو قرض ۾ هليو وڃي ته معاملو ٺيڪ ناهي.هن چيو ته ملڪ ۾ مٿيون 1 سيڪڙو ماڻهو انڪم ٽيڪس ادا نه ڪري رهيا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته ٽيڪس جي شرح وڌيڪ نه وڌي، صنعتڪارن کي ڏکوئيندڙ مرحلن مان گذرڻو پيو، هاڻي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، اميد آهي ته شرح سود 2 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي.چيئرمين ايف بي آر چيو ته اسان کي ڪنهن حلف نامي جي ضرورت ناهي، سيلز ٽيڪس جي قانون ۾ سڀ ڪجهه موجود آهي، توهان چئو ٿا ته هر شيءِ قانون تحت خريد ڪئي وئي، اسان ڪجهه نه چونداسين.هن چيو ته مون کي هڪ شخص ٻڌايو ته هو فلائنگ انوائسز جو ڪاروبار ڪندا آهن، ڄاڻي واڻي انوائسز اڏائڻ وارن کي گرفتار ڪيو ويندو.چيئرمين ايف بي آر چيو ته اها حقيقت آهي ته رقم ريفنڊز تي ورتي ويندي آهي، اسان ريفنڊز کليل ٻڌڻ يا ڪيمرا جي سامهون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو