ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته رياست ۽ حڪومت اڃا به صبر کان ڪم وٺي رهي آهي، حڪومت سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي.بلوچستان اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته معصوم ۽ بيگناهه مسافرن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪيترائي ڀيرا ان ڪيمرا بريفنگ ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته اهي ماڻهو ڳالهين لاءِ تيار ناهن. هن چيو ته اهي معصوم هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، آخر ڪيترو وقت پاڪستان ٽوڙڻ جون ڳالهيون برداشت ڪنداسين؟ رياست ۽ حڪومت اڃا به صبر کان ڪم وٺي رهي آهي، پر حڪومت هاڻي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وڏي وزير چيو ته حالتون بابت مونجهارا ختم ڪرڻا پوندا، هڪ پاسي معصومن جو رت وهائي رهيا آهن ته ٻئي پاسي ٽي وي تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن اڃا رياست وڙهڻ شروع ناهي ڪيو. سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته اسان پوري پاڪستان کي دهشتگرديءَ جي معاملي تي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهي ماڻهو اوهان کي قتل ڪري رهيا آهن، پر اوهان جرڳي جون ڳالهيون پيا ڪريو، جيڪي ماڻهو رياست کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندا، هٿيار کڻندا انهن جو خاتمو يقيني بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ قتل ۽ رتوڇان ڪير پيو ڪري؟ اسان سندن نالو وٺڻ کان ڇو گهٻرائيندا آهيون؟ عام بلوچ کي ته ڳلي لڳايو ويندو پر دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته بلوچ تاريخ بهادري ۽ مهمان نوازي سان ڀريل آهي، پر اها ڪهڙي تاريخ آهي جو اوهين بيگناهه ماڻهن تي حملا ڪري رهيا آهيو، ٽرين تي حملا پيا ڪريو، مسافرن کي يرغمال پيا بڻايو.
