جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب آئيني ترميم جي حوالي سان حڪومت ۽ انهي جي اتحادين تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هي سمورا ماڻهو ڪٺ پتلين جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هنن ماڻهن چاهيو ٿي ته پنهنجا هٿ پير ڪڻي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري ڇڏيون، جيڪڏهن اهو بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها.پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان واضح چيو آهي ته اسان کي اهو مسودو قبول نه آهي، اعظم تارڙ ۽ بلاول ڀٽو کي به مسودي جي باري ۾ ڪجهه به خبر نه آهي، خصوصي ڪميٽي ۾ حڪومتي عهديدارن ۽ انهن جي اتحادين جو منفي ڪردار رهيو.عمر ايوب الزام لڳايو ته حڪومت قاضي فائز عيسيٰ جي لاءِ هڪ سپر عدالت ٺاهي رهي آهي، آئيني معاملا سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ ٺاهي ڇو حل نٿا ٿين؟ آئيني عدالت جو جج صدر زرداري مقرر ڪري ها ۽ پنهنجي مرضي جا قانون بنائي ها. اسان کي ڪنهن به قسم جون سپر عدالتون قبول نه آهن. هي آرٽيڪل 8، 199، 200 سان 57 آئيني ترميمون ڪري رهيا هئا جنهن جو ڊرافٽ ڪنهن وٽ به نه هو.اپوزيشن اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن حڪومت وٽ ڊرافٽ به نه هو ته کين ٻڏي مرڻ گهرجي، اسان وٽ به ڪنهن قسم جو مسودو نه هو نه ئي اسان کي ڏنو ويو. اسان ڪميٽي ۾ صرف ويٺل رهياسين، هن چيو ته خصوصي ڪميٽي ۾ حڪومتي ميمبرن وٽ اسان جي سوالن جو ڪوبه جواب نه هو. سموري صورتحال ۾ مولانا مثبت ڪردار ادا ڪيو جيڪو تعريف جوڳو آهي، اهڙي ڪابه وڌيڪ ترميم آئي ته انهي جو پارليامينٽ ۾ مقابلو ڪنداسين.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته لاهور جو جلسو هر صورت ۾ ٿيندو، اهوئي پي ٽي آءِ باني جو پيغام آهي، جلسي جي لاءِ پي ٽي آءِ ڪارڪن تياري ڪن اهو جلسو ضرور ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو