جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڌمڪيون ڏنيون ته ڌمڪيون به ڏينداسين.پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي وفد جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ پي ٽي آءِ وفد ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ آئيني ترميم جي مسودي تي مشاورت ڪئي وئي، ملاقات ۾ سلمان اڪرم راجا، اسد قيصر، عمر ايوب، بئريسٽر گوهر، حامد خان ۽ صاحبزاده حامد رضا به شامل هئا.پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ پارليامينٽ جي ميمبرن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، اسان جي ميمبرن کي وڏيون آفرون ڏنيون پيون وڃن.پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته هن آئيني ترميم تي ڪميٽي ۾ پنهنجا تحفظات جو اظهار ڪيو، اسان جي ميمبرن کي حراسان ڪيو پيو وڃي.اسلام آباد ۾ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ جي يو آءِ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو