جي ايچ ڪيو ڪيس ۾ خان جي حاضري ويڊيو ذريعي لڳائڻ جو حڪم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)عدالت 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو تي حملي بابت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب اڊيالا جيل انتظاميا کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جا حڪم ملي ويا آهن.وڪيل محمد فيصل ملڪ ٻڌايو ته آر اي بازار ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ 125 جوابدار نامزد آهن.پي ٽي آءِ جي باني سميت 102 جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون فراهم ڪيون ويون آهن، شاهه محمود قريشي سميت 23 جوابدارن کي اڃا تائين چالان جون ڪاپيون فراهم ناهن ڪيون ويون.ٻئي طرف شيخ رشيد، راجا بشارت، ثمبيا طاهر، ڪنول شوزاب، راشد حفيظ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيا.بعد ۾ عدالت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو