جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ قريشي سميت 14 تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد(برپورٽ اياز مهر) خميس ڏينهن شاهه محمود قريشي ۽ شهريار آفريدي سميت 14 پي ٽي آءِ ميمبرن ۽ اڳواڻن تي خميس ڏينهن 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو . هن ڪيس ۾ اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري سميت 8 ڄڻن تي سومر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو. ان ٻڌڻي دوران ٽن جوابدارن شاهه محمود قريشي، ڪرنل اجمل صابر راجا ۽ سڪندر زيب چارج شيٽ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو هو ته سندن خلاف ثبوت ڪافي نه آهن. هنن چيو هو ته 265 ڊي هيٺ داخل درخواست تي اڳ م فيصلو ڪريو ته پوءِ هو چارج شيٽ تي صحيحون ڪندا. ساڳئي ڪيس ۾ هلندڙ مهيني شروع ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه باني پي ٽي آءِ تي به فرد جرم لاڳو ڪيو هو. خميس تي قريشي ۽ آفريدي سان گڏ جن ٻين اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو تن ۾ سينيٽر شبلي فراز، لطاسب ستي، عمر تنوير بٽ، ڪنول شوزف، تيمور مسعود، سعد علي خان، سڪندر زيب، زوهيب آفريدي، فهد مسعود ۽ راجا ناصر محفوظ شامل آهن. هن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيندڙن جو انگ 113 ٿي ويو آهي. ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، شهريار آفريدي ۽ ڪنزل شوزف 265 ڊي هيٺ درخواست داخل ڪئي آهي جيڪا 20 ڊسمبر جمعي تي ٻڌي ويندي. جج چيو ته جيڪڏهن گنڊاپور حاضر ٿيو ته سندس گرفتاري وارنٽ رد ڪيا ويندا. 9 مئي سان لاڳاپيل 12 ڪيسن ۾ گنڊاپور، ايڊووڪيٽ غلام حسنين سمبل کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي بعد صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته 9 مئي واري ڏينهن مان ڪراچي ۾ هئس ۽ هنن سياسي انتقام خاطر مونکي راولپنڊي ۾ حملي ڪيس ۾ نامزد ڪيو آهي. هن چيو ته پارٽي وارن کي اسانجو آواز ٻڌڻ گهرجي، سياسي پارٽي ۾ مشاورت ضروري هوندي آهي. هڪ سوال جي جواب م هن چيو ته سول نافرماني واري تحريڪ عمران خن کي ملتوي ڪرڻ گهرجي. حڪٻئي سوال تي هن چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ سياسي استهڪام جي ضرورت آهي، پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي ۽ هڪومت کي سنجيدگي سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو