راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ شيرين مزاري ۽ راشد حفيظ سميت 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪئي، جنهن دوران اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر نويد ملڪ ۽ ظهير شاهه عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو وڪيل محمد فيصل ملڪ قانوني ٽيم سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو.ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ پي ٽي آءِ جي باني کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته شاهه محمود قريشي کي ڪوٽ لکپت جيل کان اڊيالا جيل پهچايو ويو.اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر نويد ملڪ ۽ ظهير شاهه غير حاضر جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته غير حاضر جوابدار ٽرائل ۾ جان بوجھائي دير ڪري رهيا آهن.عدالت 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو پر جوابدارن ڏوهه کان انڪار ڪري ڇڏيو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت فرد جرم لاڳو ڪندڙ جوابدارن ۾ شيرين مزاري، راشد حفيظ، منير، خادم حسين کوکر، ذاڪر الله، عظيم الله، طاهر صادق، مهر جاويد ۽ چوڌري آصف شامل آهن.شاهه محمود قريشي جي 265 ڊي جي درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن سبب جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ مٿس فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، عدالت شاهه محمود قريشي جي 265 ڊي درخواست ايندڙ ٻڌڻي تي مقرر ڪري ڇڏي.سي آر پي سي 265 ڊي تحت، الزام ثابت نه ٿيڻ جي صورت ۾ استغاثه کي روڪيو ويندو.عدالت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ
ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ
پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي
اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شيخ رشيد
اي پي ايس سانحي کي 10 سال گذري ويا، ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي
جي ايڇ ڪيو ڪيس، شيرين سميت 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو
دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي امن ۽ ترقي جو ضامن آهي : شاهه
پوليو خلاف مهم جو افتتاح،اين ايف سي وڌندو آهي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي
پارليمان جا اجلاس اڄ ٿيندا،اهم بل پيش ڪرڻ جا امڪان،ايجنڊا جاري
حڪومت معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي: شزيٰ فاطمه
ڪرڪ ۾ پوليو ٽيم تي حملو، 2 اهلڪار شهيد، ٻيو زخمي
پرڏيهي آفيس ترجمان ممتاز زهرا فرانس ۾ سفير مقرر
ايراني ڳائڻي حجاب کانسواءِ پرفارم ڪرڻ تي گرفتار
هنڊريڊ انڊيڪس1 لک 16 هزار جي حد ٽپي ويو
اين اي 241 ڌانڌلي ڪيس، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل
اهم فيصلن کان باخبررکڻ تي استيعفيٰ ڏني،گلپسي
پي ٽي آءِ ۾ ڪوبه خوف ۽ اختلاف ناهي،شوڪت يوسفزئي
اي پي ايس شهيدن قوم کي دهشتگردي جي لعنت خلاف متحد ڪيو
پنجاب ۽ سنڌ جي ڪچي ۾ آپريشن، 6 يرغمالي بازياب