جي يو آءِ اڳواڻ مولانا شيرزاده جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي خيرآباد علائقي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا شيرزاده جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڪيس مقتول جي مامي شوڪت خان جي شڪايت تي منگهو پير پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو.ڪيس جي متن موجب، مون کي منهنجي اباڻي ڳوٺ بٽگرام مان فون آيو، جڏهن مان ڪراچي جي عباسي شهيد اسپتال ويس ته مون کي ٻڌايو ويو ته منهنجي ڀائٽي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، ڪيس جي متن موجب، مولانا شيرزادو سحري کان پوءِ مسجد وڃڻ لاءِ مومن آباد ۾ پنهنجي گهر کان نڪتو هو، کيس منگهو پير ۾ 100 فٽ روڊ تي نامعلوم جوابدارن قتل ڪيو، ٻئي طرف، جي يو آءِ سنڌ جي نائب صدر قاري عثمان موجب، مولانا شيرزاده جي جنازي نماز گذريل ڏينهن ادا ڪئي وئي، ۽ مولانا شيرزاده کي قتل ڪرڻ جو نشانو بڻايو ويو،قاري عثمان چيو آهي ته حڪومت عالمن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ۽ سنڌ حڪومت کي عالمن جي حفاظت لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو