جي ٽي روڊ بلاڪ ۽ ڀڃ ڊاهه،علي امين ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ احتجاج جي دوران ترنول جي ٽي روڊ بلاڪ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ ٻين اڳواڻن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي، عامر مغل، عمر ايوب ۽ بيرسٽر سيف کي به نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته انهي سان گڏ 350 کان وڌيڪ نامعلوم ڪارڪنن کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس دهشتگردي ۽ قتل جي ارادي سميت 14 سنگين قلمن جي تحت داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ اعظم سواتي تي مالي مدد ۽ علي امين تي سرڪاري وسيلن جي استعمال جو الزام لڳايو ويو آهي.ايف آءِ آر موجب پوليس ملازمن تي فائرنگ ڪري يرغمال بنائي حبس بيجا ۾ رکيو ويو. گرفتار جوابدارن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني جو حڪم آهي ته هر حالت ۾ ڊي چوڪ تي پهچڻو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي احتجاج حوالي سان عمران خان سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي لاهور ۾ بغاوت ۽ دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو