جي ڊي اي پاران 6 ڪئنالز جي تعمير خلاف بيداري مارچ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) جي ڊي اي اڳواڻن ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف آگاهي مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي جو چوڻ آهي ته جولاءِ ۾ ٺٽي پهچندي آگاهي مارچ ڪيو ويندو، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري 6 ڪئنال ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.سندس چوڻ آهي ته اهي 6 واهه ٺاهڻ جو فيصلو سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو فيصلو آهي.جي ڊي اي اڳواڻ زين شاهه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهي واهه ٺاهيا ويا ته بدين، ٺٽو، ڪراچي، سجاول سمنڊ ۾ ٻڏي ويندا، چولستان ۾ لکين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ 6 واهه ٺاهيا پيا وڃن.هنن چيو ته نگران حڪومت منع ڪئي هئي، هاڻي وفاقي حڪومت ۽ صدر اهو فيصلو ڪيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته اهي 6 واهه سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهن، اسان نئين آئيني ترميم کي به رد ڪريون ٿا، ان کي مارشل لا سمجهيو وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو