ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو آهي ته جي ڊي اي سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن جي نيلامي جي پهرين ڏينهن کان ئي سخت مخالفت ڪندي آئي آهي، ۽ سنڌ جي زمينن کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي غير ملڪي ڪمپنين ۽ سيٺن کي وڪرو ڪرڻ کي سنڌ ڌرتي سان غداري تصور ڪندي آهي. ڊاڪٽر صفدر علي عباسي مطالبو ڪيو ته زرداري ليگ جي حڪومت فوري طور تي سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ کي رد ڪري، ۽ سنڌ ڌرتي سان انصاف ڪري. هن چيو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت سان گڏجي سنڌ جي زمينن جي ورهاست ڪرڻ چاهي ٿي، ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ٺٽو، بدين، خيرپور سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هزارين ايڪڙ زمينون غير قانوني طور الاٽ ڪيون آهن، جنهن کي سنڌ جي عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندي.ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ ۽ پنجاب جون زمينون الاٽ ڪري، ۽ انهن کي زرعي پيداوار لاءِ قابل بڻائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت درياءِ سنڌ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ چاهين ٿيون، جنهن جي خلاف سنڌ جو هر ٻار احتجاج جو نشان بڻيل آهي. جي ڊي اي جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته جيستائين سنڌ جو جوان زنده آهي، هو سنڌ جي زمين ۽ پاڻي جي هر صورت ۾ حفاظت ڪندو، ۽ سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام بڻائيندو. هن چيو ته جي ڊي اي ۽ درياءِ سنڌ بچايو تحريڪ ۾ شامل سياسي ۽ مذهبي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن مسلسل سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاج، ڌرڻا، ريليون ۽ جلسا ڪري رهيا آهن، ۽ هاڻي هن جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.
