ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته جٿا اچي قومي شاهراهون بند ڪري ڇڏين ٿا، روڊ کولرائڻ ۾ نااهلي ڏيکاريندڙ ڊپٽي ڪمشنرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪوئيٽا ۾ رمضان فوڊ پيڪيج جي ورهاست جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته پي ڊي ايم اي کي هدايتون ڏنيون ويون هيون ته راشن مستحقن تائين منصفاڻي طريقي سان پهچايو وڃي. ان مقصد لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن مستحق خاندانن جي شارٽ لسٽنگ مڪمل ڪئي آهي. هن چيو ته راشن ورهائڻ جو مقصد ضرورتمندن جي خوشين ۾ وڌارو ڪرڻ آهي، پر روڊ بند هئڻ سبب راشن ورهائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. وڏي وزير واضح ڪيو ته اسمبلي ميمبرن کي راشن ناهي ڏنو ويو، هو رڳو نگراني ڪري رهيا آهن. سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جي حالتون ٻين صوبن کان مختلف آهن، عدالتي حڪمن باوجود قومي روڊ بند ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن طاقت جو استعمال ڪيو ته ان جو ردعمل ايندو. هن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته روڊ بحال ڪرائڻ جي ذميواري ادا ڪن، نااهلي ڏيکاريندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته جيڪي ڊپٽي ڪمشنر پنهنجون ذميواريون صحيح نموني نه نڀائيندا کين هٽايو ويندو. سرفراز بگٽي چيو ته قلم 144 تحت حڪومت کي طاقت جو استعمال ڪرڻ جو حق حاصل آهي، قومي روڊ بند ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ جائز ناهي. هن وڌيڪ چيو ته احتجاج ڪندڙ ماڻهو پاڻ سان گڏ عورتون ۽ معصوم ٻار به آڻين ٿا ۽ حڪومت صبر ۽ برداشت سان معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
