ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڌو شهر ۾ حادثن جي روڪٿام لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپر هلائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي جاويد عالم اوڍو چيو ته شهر ۾ هر ٻيو حادثو موتمار ثابت ٿي رهيو آهي، حادثن کان بچڻ لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپر هلائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.هن چيو ته ڪراچي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، ڏوهاري وڏي انگ ۾ گرفتار ۽ ماريا وڃن ٿا پر ٻئي پاسي پوليس لاءِ نئون چئلينج سامهون آيو آهي.سندس چوڻ هو ته شهر ۾ هن سال 900 جي لڳ ڀڳ حادثا ٿيا، جن مان بدقسمتي سان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ حادثا موتمار ثابت ٿيا.جاويد عالم اوڍو چيو ته موٽر سائيڪل سوارن ۽ رڪشا ڊرائيورن خلاف آگاهي مهم کانپوءِ ايڪشن ٿيندو، هر صورت ۾ ٽريفڪ قانونن تي عمل چاهيون ٿا، ڏنڊ به لڳندا ۽ گرفتاريون به ٿينديون.
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ، 23 ڊسمبر تي ٻڌائڻ جو اعلان
حڪومتي اتحادين جا هڪ ٻئي مٿان تنقيد جا تير
عمر قيد ڪاٽي آزاد ٿيندڙ جوابدار جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر
حادثن جي روڪٿام لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپرن تي پابندي
ڪمرشل ۽ نجي گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ڪرڻ جا حڪم
انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم
گم ٿيل شهري ڪيس، ڇا پوليس اسٽيشن بند ڪريون،عدالت
ڏهاڪن تائين پاڪستان پناهگيرن جو ميزبان رهيو آهي: وزيراعظم
گوگل سرچ انجڻ ۾ هڪ مفيد فيچر متعارف ٿيڻ جو امڪان
ايم ڪيو ايم کي وفاق سان شڪايت آھي، ڌمڪي سنجيده ناهي
تعليمي اداري جو معيار ان جي ماحول جي عڪاسي ڪندو آهي، شاهه
سي اي او ۽ سي او او جو دورو،84 انچ لائن جو معائنو،عملي جي واکاڻ
سڄي خاندان جو شادي ۽ ڄم ڏينهن جي ساڳي تاريخ جو عالمي رڪارڊ
مورو ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، پيش امام قتل
سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند
ايف آءِ اي ڪارروائي، ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار
فيض گنج ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ
حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ
ڀٽو ريفرنس، ٽرائل ڪورٽ ۽ اپليٽ عدالت تقاضا پورا نه ڪيا، آفريدي
سرڪاري اسڪولن کي آئوٽ سورس ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد