حارث رئوف ڀارتي ٽيم کي وارننگ ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف اڳ ۾ ئي ڀارتي ٽيم کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي حوالي سان وارننگ ڏئي ڇڏي آهي.انگلينڊ خلاف پنجين ٽي ٽوئنٽي ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي حارث رئوف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ هميشه گهڻو دٻاءُ وارو هوندو آهي. مان گذريل سال ورلڊ ڪپ ۾ گهڻو پريشر محسوس ڪري رهيو هوس پر ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف کيڏيل ٻن ميچن ۾ مون کي ايترو دٻاءُ محسوس نه ٿيو.حارث رئوف چيو ته ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف مون کي خبر هئي ته مون کي بهترين کيڏڻو آهي ۽ جيڪڏهن مان ائين ڪيو ته ڀارتي ٽيم مون کي آساني سان نه کيڏندي.پاڪستاني فاسٽ بالر آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ بابت چيو ته مان تمام خوش آهيان ته ڀارت خلاف ميچ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي آهي، اهو منهنجو هوم گرائونڊ آهي ڇو ته ليگ ۾ ميلبورن اسٽارز سان کيڏندو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو