حارث کي بگ بيش لاءِ اين او سي نه ملڻ جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اڃا تائين حارث رئوف، زمان خان ۽ اساما مير کي آسٽريلوي بگ بيش لاءِ اين او سي جاري نه ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن بعد 7 ڊسمبر تي شروع ٿيندو.پي سي بي اختيارين جو چوڻ آهي ته اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، معاملو غور هيٺ آهي.ٻئي طرف هڪ غير ملڪي ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته آسٽريليا جو دورو ڪرڻ کان انڪار ڪندڙ فاسٽ بالر حارث رئوف ڏکيائي ۾ پئجي سگهي ٿو، سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڪيٽيگري ۾ تنزلي سان گڏ بگ بيش ليگ جي اين او سي کان به محروم ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو