حافظ نعيم جي اپيل تي غزه مٿان اسرائيلي بمباري خلاف سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي غزه ۾ اسرائيلي دهشتگردي ۽ مظلوم فلسطينين جي قتل عام خلاف جماعت اسلامي طرفان جمعي ڏھاڙي ڪراچي کان ڪشمور تائين يومِ احتجاج جو ڏهاڙو ملهايو ويو ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، ميھڙ شڪارپور حيدرآباد، بدين، ٽنڊومحمد خان، ٽنڊوالهيار، ٽنڊوآدم، شھدادپور، مٺي، ميرپورخاص، دادو ۽ ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ۽ پريس ڪلبن سامهون مظاهرا ڪيا ويا. جن کي صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو. مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جڏهن ته مظاهرين ” اسرائيلي دهشتگردي نامنظور، غزه جي مسلمانن جو قتل عام بند ڪريو، اسرائيل جو هڪ علاج الجهاد الجهاد“ جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن غزا ۾ اسرائيلي رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي بند ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. رتوديرو: جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ رتو دير ۾ رٿيل هڪ اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيلي حملي ۾ گذريل پنجن ڏينهن دوران سوين معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ بزرگ شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته هزارين زخمي ۽ تباه ٿيل عمارتن ۾ ڦاٿل آهن، لکين فلسطينين کي ڀلاري مهيني ۾ کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي توڙي دوائن ۽ علاج کان مڪمل طور تي محروم رکيو ويو آهي،اسرائيلي ڄاڻي واڻي اسپتالن ۽ ايمبولينسز کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جديد دنيا جي سڀ کان وڏي جلاد نيتن ياهو امريڪي صدر ٽرمپ جي اشاري تي امن وارين ڳالهين کي رد ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر وچ اوڀر ۾ جنگ جا شعلا ڀڙڪائي ڇڏيا آهن، عالمي برادري خاص ڪري مسلم ملڪ خاموش تماشائي ڪردار ادا ڪرڻ بدران پنهنجي مظلوم فلسطيني ڀائرن جي مدد لاءِ اڳتي اچن، اسرائيلي درندگي کي هاڻي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي، رحمتن ۽ برڪتن واري ڀلاري مهيني ۾ نسل ڪشي ۽ انسانيت دشمن جنگي ڏوهن جي ڪري اسان جون دليون زخمي آهن. هالا: جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف هالا ۾ رٿيل احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته فلسطين ۾ يهودي غاضب رياست انسانيت خلاف ظلم جي هر حد پار ڪري ڇڏي آهي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته غزه ۾ في الفور جنگ بندي ۽ عرب رياستن جي گڏيل فوج مقرر ڪئي وڃي، معصوم فلسطينين جي فوري طور تي انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد تائين پهچ يقيني ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارم کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي.اسان بهادر فلسطينين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي تاريخ جي بدترين ظلم، ڏاڍ ۽ سفاڪي کي منهن ڏئي رهيا آهن، اڄ مسلمان حڪمرانن جي بزدلي ۽ ڀاڙيائپ جي سبب فلسطين مقتل گاهه بڻجي چڪو آهي، صيهوني رياست ڏيڍ سال کان مظلوم فلسطيني عوام جو قتل عام ڪري رهي آهي ۽ 50 هزار کان وڌيڪ ٻارن، عورتن سميت فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ غزه جون بستيون قبرستان بڻجي چڪيون آهن، پر نام نهاد مسلمان حڪمران آمريڪي غلامي سبب مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آهن، فلسطيني عوام ننڌڻڪو ڪونهي پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام ساڻس مشڪل وقت ۾گڏ آهي. ان موقعي تي ضلعي امير فقير محمد لاکو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.ڪنڌڪوٽ: جماعت اسلامي ضلع ڪندڪوٽ پاران حافظ نعيم الرحمن جي اپيل تي مظلوم فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي ضلعي امير غلام مصطفى ميراڻي، مقامي امير حافظ اسدالله چنا ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل، آمريڪا ۽ ڀارت جو شيطاني اتحاد مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ مصروف آهي، اسرائيل رفح سميت غزه ۾ فلسطينين خلاف درندگي ۽ سفاڪيت جي انتها ڪري ڇڏي آهي. لاڙڪاڻو: جماعت اسلامي ضلع لاڙڪاڻو پاران غزه ۾ فلسطيني عوام جي قتل عام ۽ اسرائيلي دهشتگردي خلاف ضلعي امير ايڊوڪيٽ نادر علي کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسرائيلي ظلم و ستم خلاف پوري دنيا عام طور تي ۽ خاص طور تي اسلامي دنيا جي مجرمانه خاموشي پوري دنيا جي مسلمانن ۽ انسانن لاءِ لمحه فڪريه آهي،افسوس جو مقام آهي جو انساني حقوق، جانورن، وڻن، ۽ سامونڊي مخلوق جي حقن جا دعويدار غفلت جي ننڊ سمهي پيا آهن. دنيا اسرائيل جهڙي دهشتگرد ملڪ خلاف ڪجهه چوڻ کان به لنوائي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جو عوام ۽ لاڙڪاڻي جا هي غيرتمند مسلمان اسرائيلي درندگي خلاف سراپا احتجاج آهن ته دنيا اسرائيل جهڙي پاڳل شيطان کي پٽو وجهي نه ته اهو هڪ هڪ ڪري هر ملڪ کي ڳڙڪائيندو ويندو. ان موقعي تي مقامي امير رميز راجا شيخ پڻ خطاب ڪيو. دادو: جماعت اسلامي جي مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمن جي سڏ تي پوري پاڪستان جيان دادو ضلعه جي مختلف حلقن دادو۔ جوهي۔ خيرپورناٿن شاهه۔ ميهڙ۔ فريد آباد۔ ڪنڊو ٻٻر۔ سميت دادو ضلع جي مختلف چونڪن چوراهن تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ فلسطيني جھنڊا کڻي جماعت اسلامي ضلع دادو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري رڪارڊ ڪرايا ويا.اسرائل جي دشتگردي حملا غزا جي فلسطيني مسلمانن مٿان بند ڪيا وڃن.ھن وقت تائين ھزارين مسلمان معصوم ٻار بزرگ ۽ عورتن کي شھيد ڪيو ويو آھي اسين اسرائلي يھودين کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا اسين پاڪستان جا مسلمان غزا جي مسلمانن سان يکجھتي طور تي هميشه گڏ آھيون مسلمانن مٿان پنھنجو ڏاڍ ۽ ماراماري بند ڪري مسلمانن کي پنھنجو حق ڏنو وڃي .ان موقعي تي محمد موسي ٻٻر قائم مقام امير جماعت اسلامي ضلع دادو ضمير احمد چانڊيو۔ سڪندر ڀٽو خير الدين ٻٻر۔ واجد علي ٻٻر۔ ذيشان ٻٻر۔ امتياز چانڊيو۔ غلام شبير سيلرو۔ شاهنواز نائچ۔ مظهر ٻٻر۔ محمد دائود ٻٻر۔ غلام مرتضي پاهي ۽ وڏي انگ ۾ اڳواڻن ڪارڪنن دادو ضلع جي شھرين شرڪت ڪئي.بدين: جماعت اسلامي ضلع بدين پاران پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي ضلعي امير انجنيئر سيد علي مردان شاهه چيو ته جماعت اسلامي غزه جي پٽي تي اسرائيلي قابض فوج جي جارحيت جي ٻيهر شروعات ۽ بي دفاع شهري آبادي وارن علائقن تي سڌي طرح بمباري جي مذمت ۽ رد ڪري ٿي، جيڪا بين الاقوامي انساني قانون جي مڪمل خلاف ورزي آهي. آمريڪي سرپرستي هيٺ، فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم جاري آهن.ان موقعي تي غلام رسول احمداني، اياز لطيف سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ميرپوخاص: جماعت اسلامي جي ضلعي امير حافظ سلمان خالد ۽ مقامي امير شڪيل احمد فهيم جي قيادت ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي اڳوڻان چيو ته اسرائيل ۽ امريڪا غزا جي 30 لک آبادي واري شهر کي مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي، فلسطين جي مظلوم مسلمانن مٿان هن وقت به اسرائيلي ظلم جاري آهن، گذريل پنجن ڏينهن کان غزا جي پٽي تي اسرائيلي هوائي فوج جي حملن ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي جنهن تي اقوام متحده، انساني حقن جي اين جي اوز سميت مسلم دنيا مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آهي، عرب ملڪن جي بادشاهن پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ فلسطيني مسلمانن جي پٺي ۾ ڇرو هڻي تاريخ ۾ بدترين ڪردار ادا ڪيو آهي، جيسين تائين قبلا اول ۽ فلسطيني مسلمانن کي مڪمل طور آزادي نه ٿي ملي سڪون سان ڪونه ويھنداسين. ٺٽي ۾ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف احمد ملاح، ضلعي امير عبدالمجيد سمون، ٽنڊومحمد خان هوشيار خان مسجد ٻاهران مقامي امير پير مسلم جان سرهندي، اشتياق احمد عباسي، راڄو نظاماڻي ۾ مقامي امير عبيد الله نظاماني، عام شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا..#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو