حامدالحق جي جنازي نماز ادا، هزارين ماڻهن جي شرڪت

پشاور: (ويب ڊيسڪ) مدرسه جماعه دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ ۾ جمعي جي نماز کان پوءِ آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل جمعيت علماءِ اسلام(س) جي سربراهه مولانا حامدالحق سميت ٻين جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.رپورٽ موجب جمعيت علماءِ اسلام(س) جي سربراهه مولانا حامدالحق جي جنازي نماز ۾ افغان قونصلر سميت شهرين جو وڏو انگ دارالعلوم حقانيه اڪوڙه پهتو.مولانا حامدالحق جي جنازي نماز سندس پٽ مولانا صاحبزاده عبدالحق ثاني پڙهائي، انهي موقعي تي دارالعلوم حقانيه اڪوڙه ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. دارالعلوم حقانيه جي چوڌاري پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي جڏهن ته دارالعلوم ۾ داخلي دروازن تي اسڪينيرز لڳايا ويا هئا. جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ هزارين جي تعداد ۾ ماڻهو پهتا، جڏهن ته مين روڊ کي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو هو.مولانا حامدالحق جي جنازي نماز ۾ افغان قونصلر جنرل محب الله شاڪر به شرڪت ڪئي. اڳوڻي گورنر غلام علي، اڳوڻو جماعت اسلامي جو امير سراج الحق ۽ سينيٽر مشتاق احمد به شريڪ ٿيا. انهي کان علاوه جنازي نماز ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن به شرڪت ڪئي. دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ ڌماڪي ۾ صوابي سان تعلق رکندڙ 2 شهيدن جي جنازي نماز به ادا ڪئي وئي. شهيد عبدالوحيد جي جنازي نماز ان جي ڳوٺ زيده جڏهن ته شهيد شاعر ۽ اديب تجمل شاهه عرف تجمل فرحان جي جنازي نماز ان جي ڳوٺ جلسني ۾ ادا ڪئي وئي. انهي موقعي تي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ذوالفقار حميد نوشهره جو دورو ڪيو، ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ نائب مهتمم دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ حامدالحق جي جنازي جي سيڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ مناسب هدايتون جاري ڪيون. جنهن کان پوءِ هن ڊي پي او آفيس نوشهره ۾ گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻي ۾ ريجنل پوليس آفيسر نجيب الرحمان، ايس پي انويسٽيگيشن نوشهره ۽ سي ٽي ڊي آفيسرن به شرڪت ڪئي. ريجنل پوليس آفيسر ڌماڪي سبب ٿيندڙ برداشت نه ٿيڻ جوڳي نقصان ۽ جاچ ۾ هينئر تائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. انسپيڪٽر جنرل آف پوليس آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته مسجد مدرسه حقانيه جهڙي مقدس هنڌ تي حملو ملڪ دشمن عناصرن جو انتهائي بزدلاڻو قدم آهي، مدرسه حقانيه جي نائب مهتمم مولانا حامدالحق ۽ ٻين جي شهادت قوم لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي. هن آفيسرن کي چيو ته پنهنجي پيشه وارانه صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي ڌماڪي ۾ ملوث عناصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. دهشتگردن جي اهڙي قسم جي بزدلاڻي ڪاررواين سان قوم جا حوصلا ختم نٿا ٿي سگهن. خيبرپختونخواهه پوليس عوام سان گڏجي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي امن امان کي يقيني بنائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو